SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


NIDL New International Division of Labour

(click word to listen sound
  • 🔊
  • nidl
  • njuː
  • international
  • diviʒn
  • ɔf
  • leibər
  • )

From the Dictionary of International Relations:

NIDL New International Division of Labour

نيو انٽرنيشنل ڊويجن آف لئبر

نئين بين الاقوامي پورهيي جي ورڇ

”ڀونءِ- واد ( Globalization) جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل هي اصطلاح، پورهيي جي جاءِ جو تعين ڪري ٿو خاص طور تي اهڙي صورتحال، جڏهن پيداوار جو عمل ڪنهن هڪ ملڪ تائين محدود نه هجي. عالمي صنعتي منتقلي (Global Industrial Shift) واري عمل دوران، جڏهن تمام گهڻو اسريل ملڪن (آمريڪا، جاپان ۽ يورپ) منجهان ٽيڪنالاجيءَ کي ايشيا جي اسرندڙ ملڪن (چين، ڀارت ۽ ويٽنام وغيره) يا لاطيني آمريڪا جي علائقن ۾ منتقل ڪري، پيداواري عمل انهن علائقن مان شروع ڪيو ويندو آهي، ته ٽيڪنالاجي ۽ ڪارخانن سان گڏ، تربيت يافته پورهيتن (Skilled Labour) کي به اوڏانهن اماڻيو ويندو آهي، اهڙي تبديلي ان ڪري لازمي هوندي آهي، جو منتقليءَ وارن علائقن ۾ پورهيي جو ملهه، محصول، سستيون زمينون ۽ سرڪاري سهڪار اسريل ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ موهيندڙ هوندو آهي ۽ سيڙپڪار پاڻ لاءِ وڌيڪ سهولت محسوس ڪندا آهن. ان کان علاوه انهن علائقن ۾ لڳندڙ ڪارخانا، ٽرانسپورٽيشن ۽ رابطن جي حوالي سان به گهڻا سستا پوندا آهن. دنيا ۾ هن قسم جو لاڙو تمام گهڻو وڌي رهيو آهي. 1953ع کان 1990ع دوران، دنيا ۾ اسريل صنعتي ملڪن ۾ ٿيندڙ پيداواري عمل 95 سيڪڙي کان گهٽجي 77 سيڪڙي تي پهتو آهي، جڏهن ته اسرندڙ ملڪن ۾ صنعتي پيداوار جي شرح 5 کان وڌي 23 سيڪڙي تائين پهچي چڪي آهي.


Remember Me Also:

حسب قاعده

ظرف. قاعدي موجب ، قانون مطابق ، حسب دستور.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal